سخي شاهه محمد شاهه

سخي شاهه محمد شاهه

سخي شاهه محمد شاهه

سخي شاهه محمد شاهه: شاهه محمد شاهه'>سخي شاهه محمد شاهه جيلانيءَ جي درگاهه ٺٽي ضلعي ۾ ميرپوربٺوري کان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي کورواهه روڊ تي آهي. شاهه محمد شاهه'>سخي شاهه محمد شاهه ننڍپڻ کان ئي مڪمل طور فقيراڻي مزاج جو هو. پاڻ قلندري طريقي ۾ ملنگن واري لباس ۾ سڄي سنڌ خاص طور سيوهڻ شريف ۽ لاهوت بلوچستان جا پيرين پنڌ سفر ڪيائين. والدين کيس شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا هئا، پر هن دنيا ۾ ڪابه لالچ نه رکي. ان ڪري هن پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو عرصو سفر ۾ گذاريو. نيٺ اچي پنهنجي انهيءَ آخري آرامگاهه واري هنڌ آسڻ اڏيائين. ڪلراٺي مٽي ۽ ڄارين جي جهڳٽن ۾ ويهي عبادت ڪندو رهيو. آهستي آهستي آسپاس جا ماڻهو سندس مريد ۽ عقيدتمند ٿيا. سندس تعلق تلومڪان جي جيلاني خاندان سان هو. سندس ڏاڏي حضرت شاهه شريف جي معتقدن جو حلقو به وسيع هو. شاهه محمد شاهه جيلاني گھڻو عرصو بلوچستان ۾ گذاريو، ان ڪري اتي پڻ گھڻي تعداد ۾ سندس مريد آهن. هن 28 يا 29 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس درگاهه تي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سندن عقيدتمند اچي گڏ ٿيندا آهن.


لفظ سخي شاهه محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو